ڀوڄراج هوتچند ناگراڻي

ڀوڄراج هوتچند ناگراڻي: ڀوڄراڄ هوتچند ناگراڻيءَ (پروفيسر بي. ايڇ ناگراڻي) جو جنم پهرئين مئي 1903 تي حيدرآباد ۾ ٿيو. بي. اي تائين تعليم حاصل ڪيائين. هي ڪوڙيمل چندن مل کلناڻيءَ کان پوءِ ٻيو اهم عالم هو، جنهن ”ساميءَ جا سلوڪٽن ڀاڱن (1955، 1958ع ۽ 1960ع) ۾ ڇپائي پڌرا ڪيا هئا. ان لاءِ هن ڪوڙي مل چندن مل وارو ڇاپو، مولچند گيانيءَ وارو گرمکي ڇاپو ۽ ملڪ هيرا وارو گرمکي ڇاپو آڏو رکي ”ساميءَ جا سلوڪ“ ترتيب ڏنا ۽ ساميءَ جي جيون ۽ سلوڪن تي تفصيلي مواد لکيو، سندس ”سامي جا سلوڪ“ سن ۾ محمد ابراهيم جويي، ٻن ڀاڱن ۾ 1978ع ۾ سنڌي اديبن جي ڪوآپريٽو سوسائٽي پاران (تفصيلي مهاڳ ۽ عبدالڪريم سنديلي جي سامي ڪوش سميت) ڇپائي پڌرا ڪيا. ان کان سواءِ بي. ايڇ ناگراڻيءَ جو هڪ ڪتاب ’برهمچريه‘ به ڇپيل آهي، جيڪو پرنسپال ڌرمداس سان گڏ تصنيف ڪيائين.


لفظ ڀوڄراج هوتچند ناگراڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1903.05.01  عيسوي

پروفيسر بي . ايڇ ناگراڻي جو جنم پهرئين مئي 1903 تي حيدرآباد ۾ ٿيو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سهجرام توشڪچي
ظهير عباس
اسحاق بلوچ
انجينئر جمال الدين وينجهر
شيخ عبدالڪريم سنڌي
ابوالليث صديقي ڊاڪٽر
شميم ميمڻ
نيٻراج سنگهه سوڍو ڀڳت
انود
حفظ الله علوي مير
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون